جوکيو  ،   اياز

جوکيو ، اياز

جوکيو اياز

جوکيو ، اياز: فائن آرٽ جي دنيا جو نوجوان مصور ، صحافي ۽ ليکڪ اياز حسين ولد محبوب علي جوکيو ، 27 اپريل 1978ع تي محراب پور ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو . 1994ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول محراب پور مان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 2001ع ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور مان فائن آرٽس ۾ بي . اي ڪيائين . هن وقت بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي لاهور جي ويوئل آرٽس جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي . سندس تصويرن جون ملڪي سطح تي ڪيترن هنڌن تي نمائشون ٿي چڪيون آهن ، جن ۾: ڪينواس گيلري ڪراچي ، نيشنل آرٽ گيلري اسلام آباد وغيره سان گڏ عالمي سطح تي جرمني ڀارت ، دبئي ، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيل نمائشون شامل آهن . اياز جوکيو صحافت جي حوالي سان بي . بي . سي اردو سروس برٽش ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ سنڌ ٽي . وي لاءِ شارٽ فلمون ۽ ڊاڪيومينٽريون ۽ ڊراما به فلمائي چڪو آهي . هن پنهنجي ڀائٽيي مهراڻ جوکيي کي به هن فن جي سکيا ڏني آهي ، جنهن به پينسل ڊرائنگ ، واٽر ڪلر ، چار ڪول ، آئل پينٽ ، مڪس ميڊيا ۽ فلموگرافيءَ ۾ بهترين تجربا ڪري ننڍيءَ عمر ۾ پاڻ مڃايو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.04.27  عيسوي

نوجوان مصور ، صحافي ۽ ليکڪ اياز حسين ولد محبوب علي جوکيو ، 27 اپريل 1978ع تي محراب پور ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن علي عبدالرحمان
صلب بن قاسم
زبير سومرو
ايوب گل
شجاع حبشي
عرض محمد ڪانڌڙو حڪيم
علڻ خان رئيس
طلعت محمود
بهادر خان علياڻي
محمد ابراهيم جان خليل ٽکڙائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون